رابن هُڊ

رابن هُڊ(Robin Hood) : تاريخ جي وچئين دَور (Medieval Age) جي انگلنڊ جو هڪ افسانوي هيرو، جنهن کي ڪهاڻين ۾ ’ميري مين‘ (Merry Men) نالي ’لاقانونيت پسند ٽولي‘ جي اڳواڻي ڪندي، جهنگلن ۾ جرئتمنداڻا ڪارناما ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. هي ٽولو حڪومت جي خلاف وڙهندو هو ۽ اميرن کي لُٽي غريبن کي ڏيندو هو. 600 سالن کان وڌيڪ عرصي کان وٺي ’رابن هُڊ‘ جا ڪارناما، ڪهاڻين، نظمن، گيتن ۽ فلمن جو موضوع پئي رهيا آهن. انگريزيءَ جي وڏن وڏن شاعرن سندس ڪردار کي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پيش ڪيو آهي، جن ۾ شيڪسپيئر، بن جانسن، جان ڪيٽس، ٽينيسن شامل آهن. ويهين صديءَ ۾ ’والٽ ڊِزنيءَ‘ هن ڪردار تي فلم ٺاهي ۽ ٻين به ائين ڪيو آهي. هڪ روايت موجب ’رابن هُڊ‘ جي ٽولي ۾ هڪ مسلمان به هوندو هو. 1991ع ۾ ٺهيل فلم ’رابن هُڊ، چورن جو شهزادو‘ (Roben Hood, Prince of Thieves) ۽ 2006ع ۾ بي. بي. سي جي سيريل ۾ ’عظيم‘ ۽ ’ذق‘ جي نالن سان اهڙو ڪردار موجود هو. اها راويت ’رابن آف شيروڊ‘ نالي ٽي. وي سيريل جي ڪردار ’ناصر‘ کان هلندي اچي. شيروڊ فارسٽ-ناٽنگهم شائر جو هڪ علائقو آهي، جتي ’رابن هڊ‘ رهندو هو، ان ڪري هن علائقي کي اڪثر ’رابن هڊ ڪنٽري‘ به چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو